عبدالڪريم عرف اي ڪي ميمڻ (21 مارچ، 1961_ پھرئين جون 2023)
عبدالڪريم عرف اي ڪي ميمڻ (21 مارچ، 1961_ پھرئين جون 2023)
محمد
حبيب سنائي
ھن
سال (2023) پھرئين جون تي اسان کان طبعي طور وڇڙيل اسان جو دوست ۽ ساٿي محترم
عبدالڪريم عرف اي ڪي ميمڻ صاحب 21 مارچ، 1961 تي ھالاپراڻا ۾، ھالا جي ھڪ نامور
واپاري جناب عبدالغفور عرف حاجي ڪارو ميمڻ جي گھر ۾ پيدا ٿيو. منھنجو خيال آھي تہ
ڇوڪراڻي وھيءَ ۾ ئي ھن صاحب پھريائين ادب سان ناتو جوڙيو ھو،
ان کان پوءِ نوجواني ۾ ئي ھو صحافت جي ميدان ۾ سندرا ٻڌي گھڙيو ۽ آخري عمر تائين
ان شعبي سان پنھنجو ناتو نڀائيندو رھيو. البت گذريل ڪن ڏھاڪن کان ھو روحانيت ڏي
مائل ٿيو ۽ وري عمر عزيز جا آخري ورھيہ ھن سماجي ڀلائي جي ڪمن ۾ بہ صرف ڪيا. ھن جي
صحافتي خدمتن تي سندس صحافي دوست روشني وجھندا. مون وٽ ھن صاحب جي ادبي ميدان ۾
حصيداري متعلق جيڪا انتھائي ٿوري ڄاڻ آھي، سا اوھان آڏو پيش ڪجي ٿي.
آئون
سمجھان ٿو تہ پنجيتاليھ ورھيہ اڳ سال 1978 ڌاري جڏھن اسان ستين ڪلاس ۾ پڙھندا
ھئاسين تہ محترم عزيز مگسي، جيڪو سڪرنڊ جي پاسي جو رھواسي ھو، ۽ اسان جي پرائمري
استاد سائين مرحوم عبدالغفور قاضي ميمڻ جو دوست ھو، تنھن صاحب ھتي اچي، ھالاپراڻا
۾ سنڌي ٻالڪ ادبي سنگت جي نالي سان ھڪ تنظيم جو بنياد وڌو. مون کي ياد آھي تہ ان
جو ابتدائي گڏجاڻيون مدرسہ محمديہ گورنمينٽ پرائمري اسڪول، ھالاپراڻا ۾ ٿيون ھيون.
انھيءَ شروعاتي تنظيم سازي ۾ ان تنظيم جو مرڪزي صدر محترم محمد صادق بھزاد ميمڻ،
منھنجو عزيز ڊاڪٽر رفيق احمد سنائي لٽرري سيڪريٽري، اسان جو پيارو دوست عرفان مھدي
مرڪزي جوائنٽ سيڪريٽري ٿيو ھو، ۽ محترم سائين عاشق ھالائي، منھنجو عزيز انجنيئر
فتح محمد سنائي، ۽ اسان جو پيارو دوست سھيل احمد صدر ۽ سائين علي اختر ميمڻ مجلس
عاملہ جا رڪن مقرر ٿيا ھئا. مونکي ھالاپراڻا شاخ جو سيڪريٽري ڪيو ويو ھو. سنڌي
ٻالڪ ادبي سنگت پاران ”صدائي وطن پبليڪيشن“ جي نالي سان ھڪ اشاعتي ادارو بہ قائم
ڪيو ويو، جنھن ۾ محترم عبدالڪريم ميمڻ کي مرتب يعني ايڊيٽر ۽ محترم منير احمد شيخ کي
ٻانھن ٻيلي مقرر ڪيو ويو ھو، جيڪي ٻئي، منھنجي خيال ۾، ان تنظيم جي مرڪزي مجلس
عاملہ جا رڪن بہ ھئا.
ان اشاعتي
اداري پاران پھريون رسالو ”ڀيڄ ڀٽائي“ جي نالي سان اپريل 1979 ڌاري شايع ٿيو. جنھنجو
مرتب محترم اي ڪي ميمڻ ھو ۽ ٻانھن ٻيلين ۾ محترم منير احمد شيخ ۽ سائين مولوي مسعود
احمد قريشي صاحبان ھئا. ان رسالي ۾ ڊاڪٽر سرفراز ميمڻ گاجڻي جي ڪھاڻي، پياري عاشق
ھالائي ۽ ادا عرفان مھدي جي شاعري شايع ٿي ھئي. ٻيو رسالو ”پتنگن پھ ڪيو“ جي نالي
سان نروار ٿيو. ان جو مرتب عبدالڪريم ميمڻ ۽ ٻانھن ٻيلن ۾ محترم منير احمد شيخ
شامل ھو. ان رسالي ۾ عاشق ھالائي صاحب جي شاعري ۽ فتح محمد سنائي جي ڪھاڻي شامل
ھئي. ٽيون رسالو ”تتي ٿڌي ڪاھ“ جي نالي سان نومبر 1981 ڌاري شايع ٿيو ھو، جنھن جو
مرتب ڪريم ميمڻ ھالائي، ٻانھن ٻيلين ۾ اسان جو پيارو دوست راجا فضل قادر ميمڻ صاحب
ھو، جيڪو ھاڻي نامور وڪيل ۽ عبرت گروپ جو قانوني مشير آھي. انھن رسالن جي سرورقن ۽
فھرستن جون تصويرون توڙي ان رسالن ۾ شايع ٿيل تنظيم جي عھديدارن ۽ ميمبرن جون تصويرون،
ھن ليک جي آخر ۾ اوھان جي ملاحظي خاطر پيش ڪيون ويون آھن.
ان
تنظيم جي حوالي سان مون وٽ ايتريون يادگيرون تہ ڪونہ آھن. پر ھڪ رھجي ويل ياد اھا
آھي تہ ھڪ ڀيري اسان يا تہ صدائي وطن پبليڪيشن جي ڪنھن رسالي يا عزيز مگسي صاحب جي
ڪھاڻي ڪتاب جي مھورت جي سلسلي ۾ مھراڻ آرٽس ڪائونسل، حيدرآباد ڏانھن گڏجي ان وقت
جي عام سواري سوزوڪي وغيرہ ۾ سوار ٿي ويا ھئاسون، ۽ مون ۽ ادا عرفان اتي ڪافي
اديبن کان آٽوگراف ورتا ھئا.
پياري
عبدالڪريم ميمڻ سان ذاتي ميل جول جي حوالي سان مون کي ياد آھي تہ 1981 ۽ 1983 جي
وچ واري عرصي ۾ آئون ھن سان ملڻ ھڪ ٻہ ڀيرا سندس ھالا جي طارق روڊ واري دڪان تي
ويو ھوس، ۽ ھن ھڪ ڀيرو شايد ڪو پنھنجو ادبي ليک بہ پڙھي ٻڌايو ھو. ان زماني ۾ ئي ھالاپراڻا
۾ محترم منيراحمد شيخ ۽ محترم عاشق ھالائي صاحب جن بزم طالب الموليٰ جي شاخ قائم
ڪئي ھئي. منھنجي خيال ۾ اي ڪي ميمڻ صاحب بہ ان جو رڪن ٿيو ھو. پر جيئن تہ آئون ان
شاخ سان واڳيل نہ رھيو آھيان، تنھنڪري اتي عبدالڪريم صاحب جي سرگرمين کان اڻ واقف
آھيان. اميد تہ پيارو عاشق ھالائي ان حوالي سان اسان کي باخبر ڪندو.
ھڪ
پاسي ترت ئي مون کي نوڪري جي سلسلي ۾ ھالا کان ٻاھر وڃڻو پيو ۽ انڪري آئون ھالا جي
ادبي سرگرمين کان ڪافي پري رھيس. ٻي پاسي عبدالڪريم صاحب ان وقت جي نامور اخبار
عبرت سان واڳجي، جلد ئي ھالا جو نامور صحافي ٿي ويو ۽ ادب جي دنيا کان پاسيرو ٿي
ويو. بھرحال ھن سان پري کان کيڪار کڙي ٿيندي رھي. زندگي جي آخري سالن ۾ ھن صحافت
جي دنيا ۾ پنھنجو رول گھٽائي ڇڏيو ۽ وڃي ھالاپراڻا جي پلھاڻي پاڙي جي مسجد وسائي،
جتي آڌي رات جو ھن جا درود سلام ۽ نعتون اسان جي روح کي گرمائينديون ھئا، جيڪر اسان
ان وقت ننڍ جي الوٽ ۾ نہ ھوندا ھئاسين.
ڪجھ
سال اڳ سائين اي ڪي ميمڻ (جيڪو پاڙي ۾ عدل ميمڻ طور سڃاتو ويندو ھو) سول سوسائٽي جي
قيام ۾ حصيدار ٿيو ۽ آخري وقت تائين ان جو سرگرم عھديدار رھيو. منھنجي پنھنجي ذاتي
خيال ۾ سول سوسائٽي کي سرگرم ۽ ڪارائتي تنظيم طور ٺاھڻ ۾ پياري عبدالڪريم ميمڻ جو
ڀرپور ڪردار آھي. پر افسوس تہ زندگي کيس گھڻي مھلت نہ ڏني ۽ اسان ھن جي روحاني
توڙي سماجي خدمتن مان مستفيض ٿيڻ کان محروم ٿي وياسين. رب پاڪ سندس مغفرت فرمائي ۽
درجات کي بلند ڪري.
جيئن
آئون اڪثر ڪري عرض ڪندو رھندو آھيان تہ چڱن شخص کي خراج تحسين پيش ڪرڻ جو مانائتو
طريقو اھو آھي تہ انھن صاحبن پنھنجي حياتي ۾ جن نيڪ ڪمن ۾ حصيداري ڪئي، تن ڪمن ۾ پنھنجو
حصو پتي ملائجي ۽ نيڪوڪاري ڪندي، ھن دنيا کي پرامن ۽ خوشخال بنائڻ جا جتن ڪبا
رھجن.
محبت
پائي من ۾، رنڊا روڙيا جن، تن جو صرافن اڻ توريو اگھايو.
سنڌي
ٻالڪ ادبي سنگت ۽ صدائي وطن پبيلڪيشن جون تصويري جھلڪيون