محمد عمر ۽ حاجن کلگور جي جوڙي
محمد عمر ۽ حاجن جي جوڙي
هر واهڻ ۽ وستي
۾ ڪافي سارا انوکا شخص پيدا ٿيندا رهندا آهن، جن جا ويچار، هلت چلت، ڳالهه ٻولهه
جو ڍنگ توڙي ٻيون ننڍيون ننڍيون سرگرميون اسانجي زندگي ۾ زعفراني يا سوچ ويچار جو
باعث بنبيون آهن. اڄوڪي نشست ۾ آئون هالا پراڻا جي انهن ٻن شخصن جو ورنن ٿو ڪريان،
جن جا ظريفانا ۽ ائين کڻي چئجي ته فلسفاڻيه نڪتا اڄ به دهرايا ويندا آهن.
اسانجي ننڍپڻ ۾ يعني
چاليهه سال کن اڳ اسان جي گهرن ۾ ته ٽي وي ڪانه هوندي هئي پر ان وقت ڳوٺ جي اڪثر
گهرن ۾ ٽي وي ڪانه هوندي هئي. اسانجي سانڀر ۾ پهرئين ٽي وي شايد محمد اسماعيل
رناڻي ميمڻ (سائين رضا محمد رناڻي جي چاچي) پنهنجي هوٽل تي آندي، جيڪو محمد عمر
رناڻي جو سوٽ هو.
ڳوٺ جا سڀ پڙهيل
ڳڙهيل ننڍا وڏا ان زماني ۾ ان هوٽل تي شام ڌاري ايندا هئاسين، جڏهن سنڌي نشريات پي
ٽي وي تي ايندي هئي. اٺين لڳي ڪنهن ڊراما سيرئيل يا سيريز جي ڪا قسط ايندي هئي،
گهڻو ڪري نائين جي خبرن کان پوءِ اسان گهر ويندا هئاسين. پر ڪي ڊراما خاص ڪري اور
ڊرامي جي نالي سان نشر ٿيندڙ وري نائين کان پوءِ هلندا هئا، سي به ڪافي دلچسپ
هوندا هئا. انهن ڊرامن جي ڪردارن يا ڊائيلاگن تي محمد عمر ميمڻ ۽ حاجن ميمڻ جي جوڙي
جي خيال آرائي ڪافي دلچسپ هوندي هئي. هو انهن ڊرامن کي ان وقت جي سياسي صورتحال جي
تناظر ۾ ڏسندا هئا ۽ اسان ان وقت سياسي سوجهه ٻوجهه کان عاري هئاسين، تنهن ڪري
انهن جي خيال آرائي کي صحيح نموني سمجهي نه سگهندا هياسين. مون کي ياد آهي ته ان
زماني ۾ اشفاق احمد ۽ بانو قدسيا جا ڊراما هلندا هئا، جن کي هي صاحب وڏي شوق سان
ڏسندا هئا، پنهنجي پر ۾ انهن تي ٽيڪاپڻي ۽ خيال آرائي ڪندا رهندا هئا. حاجن ميمڻ
کلگور جو هڪ خيال ته پاڪستان کي اسلام جي کنؤر سان چنڀرايو ويو آهي اڄ به ياد آهي.
اسان جي عمر جيئن
پئي وڌي، تئين سياست ۽ ادب ۾ دلچسپي پيدا ٿي. ان زماني ۾ امن اخبار هر هوٽل تي
ايندي هئي. آئون سمجهان ٿو ته ان ۾ نامياري اديب احمد سليم جا ٽي وي ڊرامن تي
تبصرا ڇپبا هئا، تن کي پڙهڻ کان پتو پيو ته اشفاق احمد ۽ سندس گهرواري بانو قدسيه
ضيا جي حڪومت جا ٻولڙيا آهن، ۽ اهي ان حڪومت کي پاڪ پوتي بنائڻ ۾ قلم جو زور لڳائي
رهيا آهن. بهرحال اهو ضرور هو ته هو غضب جا ڊراما نويس هئا.
سوز صاحب
ٻڌائيندو آهي ته جڏهن بيروزگار هو، تڏهن اسان جي ڳوٺ ۾ هڪ درزي جو دڪان، اڄوڪي عاشق
پپو عمراڻي جي دڪان ۾ شام ڌاري ڪچهري مچندي هئي، جتي اخبارن کان علاوه امر جليل
جون ڪهاڻيون به پڙهيون وينديون. جيڪي اڪثر محمد عمر پنهنجي دلچسپ انداز ۾ پڙهندو
هو. ان کان علاوه محمد عمر پيپلز پارٽي جو پراڻو ڪارڪن هو.
حاجن ۽ عمر جي
وري سنگت هڪ ٻئي شخص سان هوندي هئي، جيڪو ڪافي سالن تائين حيدرآباد جي شيزان هوٽل
۾ مئينجر ٿي رهيو ۽ اتي ڪميونسٽ اڳواڻن سان لهه وچڙ آيو. پر ڳوٺ ۾ اڄي گذر بسر
لاءِ هڪ اٽي جي چڪي کوليائين. ڀنگ جي علت جي ڪري هو عملي طور ڪجهه نه ڪري سگهيو.
ڀنگ توڙي ٻين نشن جي علت هنن ٻنهي شخصن ۾ به هئي، تنهن ڪري اهي به رڳو ڳالهين جا
ڳهير ٿيا. پنهنجا هم خيال گهٽ پيدا ڪري سگهيا.
حاجن جو پيءَ
حاجي فيض محمد عرف فجو جو کلن جو وڏو ڪارو بارو هئو. پر حاحن توڙي سندس ننڍو ڀاءَ
محمد صادق (جنهن کي ڊپٽي ڪري ڪوٺيندا هئا)، سي پئسن جو ڍءُ نه جهلي سگهيا، ۽ اجاين
علتن ۾ پئجي ويا، ۽ آخر ڪار ڪسمپرسي جي زندگي گذارڻ تي مجبور ٿيا. حاجن جو والد
حاجي فجو به دلچسپ شخص هو. حاجن لاءِ هو چوندو ته حاجن معنيٰ حاج نه. حاجي فجو سٺو
مولود پڙهندڙ هو. اسان کيس پوڙهپڻ ۾ اڪثر جامع مسجد ۾ نماز پڙهندي ڏٺو. سندس دلچسپ
فقرا اڄ به ياد ڪيا وڃن ٿا، جهڙوڪ ”اسان جا ڏند اهڙا ته مضبوط آهن، جو کيچا ڀوريو
ڇڏين“. هالا ويندي، هالن کان ٿورو اورتي گهوڙي گاڏي واري کي چوندو هو ته روڪ روڪ،
اسان پنڌ جا مڙس ماڻهو آهيو. يا حاجن جي لاءِ چوندو هو ته ماڻهو الائي ڇا ڇاکايو
وڃن، منهنجو پٽ هو آفيم جي کائي ٿو ته ان تي اعتراض ڪيو وڃي ٿو.
ان جي ڀيٽ ۾ عمر
ميمڻ وري رناڻي محلي جو هو، جيتوڻيڪ هو ڀنگ توڙي آفيم واپرائيندو هو، پر هو آخر
وقت تائين پورهيت رهيو، ۽ پنهنجي اولاد کي مناسب تعليم ڏياريائين. اڪثر ڪري ڀرپاسي
جي پڙين ۾ چانور کپائيندو هو. ننڍي هوندي، جڏهن کنڊ ڪوٽا تي ملندي هئي، اسان هر
مهني کائنس کنڊ وٺندا هئاسون. کيس ٻه ٽي پٽ گونگا آهن، پر پاڻ انهن کي پورهئي تي
هيرايائين. الحمد الله سندس سڀ پٽ سرڪاري نوڪرين ۾ آهن. پاڻ سال ڏيڍ اڳ گذاري ويو
آهي.