Sunday, June 22, 2014

ھالا پراڻا جا منفرد ڪردار



عبدالرزاق ميدو ميمڻ جي موڪلاڻي
21 جون 2014 جي ٻپهري جي شروعات هڪ خراب خبر سان ٿي ته اسانجو هڪ ڳوٺائي ميدو ميمڻ راه رباني اختيار ڪئي آهي. هو ان ڏينهن ئي قلندر جي ميلي تان موٽيو هو، جتي هو هڪ دڪان تي ڪمائڻ ويو هو. لڳي ٿو ته هي به قلندر جي ميلي جي گرمي جو شڪار ٿيو هو. تنوير سوز ڊاڪٽر عطاءالله صدر جي حوالي سان ٻڌايو ته هن جڏهن ميدو جو بخار چيڪ ڪيو ته اهو 108 کان وڌيڪ لڳو. تنهن ڪري هن مائٽن کي جلد از جلد وڏي اسپتال ۾ داخل ڪرڻ جو مشورو ڏنو. چيو وڃي ٿو ته هن کي اسپتال ۾ داخل ڪرڻ لاءِ وٺي وڃي رهيا ته رستي تي ئي دم ڌڻي حوالي ڪيائين. انا لله و انا اليه راجعون. دلبر هن دنيا ۾ وڃي رهندو واس.
ميدو ڪجهه سال اڳ تائين هالا پراڻا ۾ صيح جو چانور ۽ شام جو ڇولا کپائيندو هو. ان شين جو ذائقو ته چڱو هو، پر سندس وڪري جو انداز ۽ سجاوٽ به دلڪش هوندي هئي. خانداني طرح ڀوڳائي هو. سندس وڏي ڀاءَ صديق مانر لاءِ ته چون ٿا ته هن جو محمد مشڪري سان مقابلو ٿيو هو. ڪو وقت ميدو ۽ مانر پاڻ ۾ چرچن جو مقابلو بازار ۾ شيون وڪڻندي پيا ڪندا هئا. پر ميدو ڀوڳائي کان وڌيڪ چڱيرڙو گائڪ هو. جيڪر هو هن شعبي کي سنجيدگي سان اختيار ڪري ها ته هوند هن جو نالو سٺن گائڪن ۾ شامل هجي ها. پر همراه ۾ مستقل مزاجي گهٽ ٿي لڳي.
ان کانپوءِ سندس سماجي ۽ خانداني ڪردار تي ڪي ماڻهو سوال ڪن ٿا. سندس پٽ ڪافي وقت کان ذهني مريض هو، پر هو چوندو هو ته منهنجي گهر واري هن جو علاج ڪرڻ نٿي ڏئي. پر اها ڇهه ست مهينا اڳ گذاري ويئي هئي، پر پوءِ به هن پٽ جي علاج جي سلسلي ۾ ڪو عمل نه ڪيو.
پر جيئن ته هو ڳوٺ جي منفرد شخصن مان هڪ هو تنهن ڪري آئون کيس هن لکڻي جي صورت ۾ تاريخ ۾ محفوظ ڪرڻ جي ڪوشش ٿو ڪريان.