Sunday, September 3, 2023

عبدالڪريم عرف اي ڪي ميمڻ (21 مارچ، 1961_ پھرئين جون 2023)

 عبدالڪريم عرف اي ڪي ميمڻ (21 مارچ، 1961_ پھرئين جون 2023)

محمد حبيب سنائي

ھن سال (2023) پھرئين جون تي اسان کان طبعي طور وڇڙيل اسان جو دوست ۽ ساٿي محترم عبدالڪريم عرف اي ڪي ميمڻ صاحب 21 مارچ، 1961 تي ھالاپراڻا ۾، ھالا جي ھڪ نامور واپاري جناب عبدالغفور عرف حاجي ڪارو ميمڻ جي گھر ۾ پيدا ٿيو. منھنجو خيال آھي تہ ڇوڪراڻي وھيءَ ۾ ئي ھن صاحب پھريائين ادب سان ناتو جوڙيو ھو، ان کان پوءِ نوجواني ۾ ئي ھو صحافت جي ميدان ۾ سندرا ٻڌي گھڙيو ۽ آخري عمر تائين ان شعبي سان پنھنجو ناتو نڀائيندو رھيو. البت گذريل ڪن ڏھاڪن کان ھو روحانيت ڏي مائل ٿيو ۽ وري عمر عزيز جا آخري ورھيہ ھن سماجي ڀلائي جي ڪمن ۾ بہ صرف ڪيا. ھن جي صحافتي خدمتن تي سندس صحافي دوست روشني وجھندا. مون وٽ ھن صاحب جي ادبي ميدان ۾ حصيداري متعلق جيڪا انتھائي ٿوري ڄاڻ آھي، سا اوھان آڏو پيش ڪجي ٿي.  

آئون سمجھان ٿو تہ پنجيتاليھ ورھيہ اڳ سال 1978 ڌاري جڏھن اسان ستين ڪلاس ۾ پڙھندا ھئاسين تہ محترم عزيز مگسي، جيڪو سڪرنڊ جي پاسي جو رھواسي ھو، ۽ اسان جي پرائمري استاد سائين مرحوم عبدالغفور قاضي ميمڻ جو دوست ھو، تنھن صاحب ھتي اچي، ھالاپراڻا ۾ سنڌي ٻالڪ ادبي سنگت جي نالي سان ھڪ تنظيم جو بنياد وڌو. مون کي ياد آھي تہ ان جو ابتدائي گڏجاڻيون مدرسہ محمديہ گورنمينٽ پرائمري اسڪول، ھالاپراڻا ۾ ٿيون ھيون. انھيءَ شروعاتي تنظيم سازي ۾ ان تنظيم جو مرڪزي صدر محترم محمد صادق بھزاد ميمڻ، منھنجو عزيز ڊاڪٽر رفيق احمد سنائي لٽرري سيڪريٽري، اسان جو پيارو دوست عرفان مھدي مرڪزي جوائنٽ سيڪريٽري ٿيو ھو، ۽ محترم سائين عاشق ھالائي، منھنجو عزيز انجنيئر فتح محمد سنائي، ۽ اسان جو پيارو دوست سھيل احمد صدر ۽ سائين علي اختر ميمڻ مجلس عاملہ جا رڪن مقرر ٿيا ھئا. مونکي ھالاپراڻا شاخ جو سيڪريٽري ڪيو ويو ھو. سنڌي ٻالڪ ادبي سنگت پاران ”صدائي وطن پبليڪيشن“ جي نالي سان ھڪ اشاعتي ادارو بہ قائم ڪيو ويو، جنھن ۾ محترم عبدالڪريم ميمڻ کي مرتب يعني ايڊيٽر ۽ محترم منير احمد شيخ کي ٻانھن ٻيلي مقرر ڪيو ويو ھو، جيڪي ٻئي، منھنجي خيال ۾، ان تنظيم جي مرڪزي مجلس عاملہ جا رڪن بہ ھئا.

ان اشاعتي اداري پاران پھريون رسالو ”ڀيڄ ڀٽائي“ جي نالي سان اپريل 1979 ڌاري شايع ٿيو. جنھنجو مرتب محترم اي ڪي ميمڻ ھو ۽ ٻانھن ٻيلين ۾ محترم منير احمد شيخ ۽ سائين مولوي مسعود احمد قريشي صاحبان ھئا. ان رسالي ۾ ڊاڪٽر سرفراز ميمڻ گاجڻي جي ڪھاڻي، پياري عاشق ھالائي ۽ ادا عرفان مھدي جي شاعري شايع ٿي ھئي. ٻيو رسالو ”پتنگن پھ ڪيو“ جي نالي سان نروار ٿيو. ان جو مرتب عبدالڪريم ميمڻ ۽ ٻانھن ٻيلن ۾ محترم منير احمد شيخ شامل ھو. ان رسالي ۾ عاشق ھالائي صاحب جي شاعري ۽ فتح محمد سنائي جي ڪھاڻي شامل ھئي. ٽيون رسالو ”تتي ٿڌي ڪاھ“ جي نالي سان نومبر 1981 ڌاري شايع ٿيو ھو، جنھن جو مرتب ڪريم ميمڻ ھالائي، ٻانھن ٻيلين ۾ اسان جو پيارو دوست راجا فضل قادر ميمڻ صاحب ھو، جيڪو ھاڻي نامور وڪيل ۽ عبرت گروپ جو قانوني مشير آھي. انھن رسالن جي سرورقن ۽ فھرستن جون تصويرون توڙي ان رسالن ۾ شايع ٿيل تنظيم جي عھديدارن ۽ ميمبرن جون تصويرون، ھن ليک جي آخر ۾ اوھان جي ملاحظي خاطر پيش ڪيون ويون آھن.

ان تنظيم جي حوالي سان مون وٽ ايتريون يادگيرون تہ ڪونہ آھن. پر ھڪ رھجي ويل ياد اھا آھي تہ ھڪ ڀيري اسان يا تہ صدائي وطن پبليڪيشن جي ڪنھن رسالي يا عزيز مگسي صاحب جي ڪھاڻي ڪتاب جي مھورت جي سلسلي ۾ مھراڻ آرٽس ڪائونسل، حيدرآباد ڏانھن گڏجي ان وقت جي عام سواري سوزوڪي وغيرہ ۾ سوار ٿي ويا ھئاسون، ۽ مون ۽ ادا عرفان اتي ڪافي اديبن کان آٽوگراف ورتا ھئا.

پياري عبدالڪريم ميمڻ سان ذاتي ميل جول جي حوالي سان مون کي ياد آھي تہ 1981 ۽ 1983 جي وچ واري عرصي ۾ آئون ھن سان ملڻ ھڪ ٻہ ڀيرا سندس ھالا جي طارق روڊ واري دڪان تي ويو ھوس، ۽ ھن ھڪ ڀيرو شايد ڪو پنھنجو ادبي ليک بہ پڙھي ٻڌايو ھو. ان زماني ۾ ئي ھالاپراڻا ۾ محترم منيراحمد شيخ ۽ محترم عاشق ھالائي صاحب جن بزم طالب الموليٰ جي شاخ قائم ڪئي ھئي. منھنجي خيال ۾ اي ڪي ميمڻ صاحب بہ ان جو رڪن ٿيو ھو. پر جيئن تہ آئون ان شاخ سان واڳيل نہ رھيو آھيان، تنھنڪري اتي عبدالڪريم صاحب جي سرگرمين کان اڻ واقف آھيان. اميد تہ پيارو عاشق ھالائي ان حوالي سان اسان کي باخبر ڪندو.

ھڪ پاسي ترت ئي مون کي نوڪري جي سلسلي ۾ ھالا کان ٻاھر وڃڻو پيو ۽ انڪري آئون ھالا جي ادبي سرگرمين کان ڪافي پري رھيس. ٻي پاسي عبدالڪريم صاحب ان وقت جي نامور اخبار عبرت سان واڳجي، جلد ئي ھالا جو نامور صحافي ٿي ويو ۽ ادب جي دنيا کان پاسيرو ٿي ويو. بھرحال ھن سان پري کان کيڪار کڙي ٿيندي رھي. زندگي جي آخري سالن ۾ ھن صحافت جي دنيا ۾ پنھنجو رول گھٽائي ڇڏيو ۽ وڃي ھالاپراڻا جي پلھاڻي پاڙي جي مسجد وسائي، جتي آڌي رات جو ھن جا درود سلام ۽ نعتون اسان جي روح کي گرمائينديون ھئا، جيڪر اسان ان وقت ننڍ جي الوٽ ۾ نہ ھوندا ھئاسين.

ڪجھ سال اڳ سائين اي ڪي ميمڻ (جيڪو پاڙي ۾ عدل ميمڻ طور سڃاتو ويندو ھو) سول سوسائٽي جي قيام ۾ حصيدار ٿيو ۽ آخري وقت تائين ان جو سرگرم عھديدار رھيو. منھنجي پنھنجي ذاتي خيال ۾ سول سوسائٽي کي سرگرم ۽ ڪارائتي تنظيم طور ٺاھڻ ۾ پياري عبدالڪريم ميمڻ جو ڀرپور ڪردار آھي. پر افسوس تہ زندگي کيس گھڻي مھلت نہ ڏني ۽ اسان ھن جي روحاني توڙي سماجي خدمتن مان مستفيض ٿيڻ کان محروم ٿي وياسين. رب پاڪ سندس مغفرت فرمائي ۽ درجات کي بلند ڪري.

جيئن آئون اڪثر ڪري عرض ڪندو رھندو آھيان تہ چڱن شخص کي خراج تحسين پيش ڪرڻ جو مانائتو طريقو اھو آھي تہ انھن صاحبن پنھنجي حياتي ۾ جن نيڪ ڪمن ۾ حصيداري ڪئي، تن ڪمن ۾ پنھنجو حصو پتي ملائجي ۽ نيڪوڪاري ڪندي، ھن دنيا کي پرامن ۽ خوشخال بنائڻ جا جتن ڪبا رھجن.

محبت پائي من ۾، رنڊا روڙيا جن، تن جو صرافن اڻ توريو اگھايو.


سنڌي ٻالڪ ادبي سنگت ۽ صدائي وطن پبيلڪيشن جون تصويري جھلڪيون









 

Wednesday, August 3, 2016

نئون نياپو اخبار يا رسالو


Sunday, November 8, 2015

محمد عمر ۽ حاجن کلگور جي جوڙي

محمد عمر ۽ حاجن جي جوڙي


هر واهڻ ۽ وستي ۾ ڪافي سارا انوکا شخص پيدا ٿيندا رهندا آهن، جن جا ويچار، هلت چلت، ڳالهه ٻولهه جو ڍنگ توڙي ٻيون ننڍيون ننڍيون سرگرميون اسانجي زندگي ۾ زعفراني يا سوچ ويچار جو باعث بنبيون آهن. اڄوڪي نشست ۾ آئون هالا پراڻا جي انهن ٻن شخصن جو ورنن ٿو ڪريان، جن جا ظريفانا ۽ ائين کڻي چئجي ته فلسفاڻيه نڪتا اڄ به دهرايا ويندا آهن.
اسانجي ننڍپڻ ۾ يعني چاليهه سال کن اڳ اسان جي گهرن ۾ ته ٽي وي ڪانه هوندي هئي پر ان وقت ڳوٺ جي اڪثر گهرن ۾ ٽي وي ڪانه هوندي هئي. اسانجي سانڀر ۾ پهرئين ٽي وي شايد محمد اسماعيل رناڻي ميمڻ (سائين رضا محمد رناڻي جي چاچي) پنهنجي هوٽل تي آندي، جيڪو محمد عمر رناڻي جو سوٽ هو.
ڳوٺ جا سڀ پڙهيل ڳڙهيل ننڍا وڏا ان زماني ۾ ان هوٽل تي شام ڌاري ايندا هئاسين، جڏهن سنڌي نشريات پي ٽي وي تي ايندي هئي. اٺين لڳي ڪنهن ڊراما سيرئيل يا سيريز جي ڪا قسط ايندي هئي، گهڻو ڪري نائين جي خبرن کان پوءِ اسان گهر ويندا هئاسين. پر ڪي ڊراما خاص ڪري اور ڊرامي جي نالي سان نشر ٿيندڙ وري نائين کان پوءِ هلندا هئا، سي به ڪافي دلچسپ هوندا هئا. انهن ڊرامن جي ڪردارن يا ڊائيلاگن تي محمد عمر ميمڻ ۽ حاجن ميمڻ جي جوڙي جي خيال آرائي ڪافي دلچسپ هوندي هئي. هو انهن ڊرامن کي ان وقت جي سياسي صورتحال جي تناظر ۾ ڏسندا هئا ۽ اسان ان وقت سياسي سوجهه ٻوجهه کان عاري هئاسين، تنهن ڪري انهن جي خيال آرائي کي صحيح نموني سمجهي نه سگهندا هياسين. مون کي ياد آهي ته ان زماني ۾ اشفاق احمد ۽ بانو قدسيا جا ڊراما هلندا هئا، جن کي هي صاحب وڏي شوق سان ڏسندا هئا، پنهنجي پر ۾ انهن تي ٽيڪاپڻي ۽ خيال آرائي ڪندا رهندا هئا. حاجن ميمڻ کلگور جو هڪ خيال ته پاڪستان کي اسلام جي کنؤر سان چنڀرايو ويو آهي اڄ به ياد آهي.
اسان جي عمر جيئن پئي وڌي، تئين سياست ۽ ادب ۾ دلچسپي پيدا ٿي. ان زماني ۾ امن اخبار هر هوٽل تي ايندي هئي. آئون سمجهان ٿو ته ان ۾ نامياري اديب احمد سليم جا ٽي وي ڊرامن تي تبصرا ڇپبا هئا، تن کي پڙهڻ کان پتو پيو ته اشفاق احمد ۽ سندس گهرواري بانو قدسيه ضيا جي حڪومت جا ٻولڙيا آهن، ۽ اهي ان حڪومت کي پاڪ پوتي بنائڻ ۾ قلم جو زور لڳائي رهيا آهن. بهرحال اهو ضرور هو ته هو غضب جا ڊراما نويس هئا.
سوز صاحب ٻڌائيندو آهي ته جڏهن بيروزگار هو، تڏهن اسان جي ڳوٺ ۾ هڪ درزي جو دڪان، اڄوڪي عاشق پپو عمراڻي جي دڪان ۾ شام ڌاري ڪچهري مچندي هئي، جتي اخبارن کان علاوه امر جليل جون ڪهاڻيون به پڙهيون وينديون. جيڪي اڪثر محمد عمر پنهنجي دلچسپ انداز ۾ پڙهندو هو. ان کان علاوه محمد عمر پيپلز پارٽي جو پراڻو ڪارڪن هو.
حاجن ۽ عمر جي وري سنگت هڪ ٻئي شخص سان هوندي هئي، جيڪو ڪافي سالن تائين حيدرآباد جي شيزان هوٽل ۾ مئينجر ٿي رهيو ۽ اتي ڪميونسٽ اڳواڻن سان لهه وچڙ آيو. پر ڳوٺ ۾ اڄي گذر بسر لاءِ هڪ اٽي جي چڪي کوليائين. ڀنگ جي علت جي ڪري هو عملي طور ڪجهه نه ڪري سگهيو. ڀنگ توڙي ٻين نشن جي علت هنن ٻنهي شخصن ۾ به هئي، تنهن ڪري اهي به رڳو ڳالهين جا ڳهير ٿيا. پنهنجا هم خيال گهٽ پيدا ڪري سگهيا.
حاجن جو پيءَ حاجي فيض محمد عرف فجو جو کلن جو وڏو ڪارو بارو هئو. پر حاحن توڙي سندس ننڍو ڀاءَ محمد صادق (جنهن کي ڊپٽي ڪري ڪوٺيندا هئا)، سي پئسن جو ڍءُ نه جهلي سگهيا، ۽ اجاين علتن ۾ پئجي ويا، ۽ آخر ڪار ڪسمپرسي جي زندگي گذارڻ تي مجبور ٿيا. حاجن جو والد حاجي فجو به دلچسپ شخص هو. حاجن لاءِ هو چوندو ته حاجن معنيٰ حاج نه. حاجي فجو سٺو مولود پڙهندڙ هو. اسان کيس پوڙهپڻ ۾ اڪثر جامع مسجد ۾ نماز پڙهندي ڏٺو. سندس دلچسپ فقرا اڄ به ياد ڪيا وڃن ٿا، جهڙوڪ ”اسان جا ڏند اهڙا ته مضبوط آهن، جو کيچا ڀوريو ڇڏين“. هالا ويندي، هالن کان ٿورو اورتي گهوڙي گاڏي واري کي چوندو هو ته روڪ روڪ، اسان پنڌ جا مڙس ماڻهو آهيو. يا حاجن جي لاءِ چوندو هو ته ماڻهو الائي ڇا ڇاکايو وڃن، منهنجو پٽ هو آفيم جي کائي ٿو ته ان تي اعتراض ڪيو وڃي ٿو.
ان جي ڀيٽ ۾ عمر ميمڻ وري رناڻي محلي جو هو، جيتوڻيڪ هو ڀنگ توڙي آفيم واپرائيندو هو، پر هو آخر وقت تائين پورهيت رهيو، ۽ پنهنجي اولاد کي مناسب تعليم ڏياريائين. اڪثر ڪري ڀرپاسي جي پڙين ۾ چانور کپائيندو هو. ننڍي هوندي، جڏهن کنڊ ڪوٽا تي ملندي هئي، اسان هر مهني کائنس کنڊ وٺندا هئاسون. کيس ٻه ٽي پٽ گونگا آهن، پر پاڻ انهن کي پورهئي تي هيرايائين. الحمد الله سندس سڀ پٽ سرڪاري نوڪرين ۾ آهن. پاڻ سال ڏيڍ اڳ گذاري ويو آهي. 

Friday, September 12, 2014

اوستو محمد آچر عمراڻي

ڏهين سيپٽمبر 2014 تي اوستو آچر عمراڻي وفات ڪري ويو. جيڪو هڪ پاسي سٺو بورچي هو ته ٻئي پاسي هو درگاه شاه عبدالطيف حسني تي هر مهيني جي ياريهن تي فقيراحسان جو ڪيڏارو پڙهندوهو. اهو ڪم سندس خاندان ورهين کان سرانجام ڏيندو رهيو آهي. ياد رهي ته سندس والد کان ئي ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ ڪيڏارو حاصل ڪيو هو. ڪجهه عرصو اڳ سوزصاحب سان گڏجي اوستي آچرسان مليو هوس جنهن پڙهياويندڙ بيت اسانکي ڏنا جيڪي مون برڪت شيخ کان ڪمپوز ڪرايا. سي پيش ڪجن ٿا. 


فقــــــــير احسان ۽ سندس ڪيڏارو
محمد حبيب سنائي

اسان وٽ شاهه ڀٽائي صاحب جي ڪيڏاري جي حوالي سان هڪ تڪرار هلندو اچي. ان تڪرار ۾ احسان فقير جو نالو بار بار ايندو آهي. اهو احسان فقير هالا پراڻا جي مردم خيز مٽي مان نسريو. هن جو تعلق مغل گھراڻي سان آهي. روايتن موجب اهو گھراڻو اڪبر بادشاه جي دور حڪومت ۾ ننگر ٺٽي ۾ آيو ۽ پوءِ هالڪنڊي ۾ اچي رهيو. احسان فقير لاءِ چيو وڃي ٿو ته هيءُ صاحب  شاه سائين جو سهيوڳي هو.
ٻڌايو وڃي ٿو ته احسان فقير ۽ ان سان گڏ فقير شفيع محمد ۽ محمد اسماعيل جن ذڪر جو بنياد بيتن ۽ مولودن سان ٻڌو. شفيع محمد عربستان ۾ وفات ڪئي ۽ محمد اسماعيل نصرپور ۾ وفات ڪئي. سندس تربت شاه محمود جي مقام ۾ آهي. احسان فقير هتي هالن پراڻن ۾ وفات ڪئي. جنهن جي قبر شيخ عبداللطيف حسني جي مقام ۾ مسجد کان اڀرندي طرف آهي.
هن جي ولادت يا وصال جي صحيح تاريخ نه ملي سگھي آهي. زباني روايتن موجب هيءُ صاحب تمام برگزيده، اهل الله ۽ شاعر ٿي گذريو آهي. ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ صاحب جو خيال آهي ته ڀٽائي صاحب جو ڪيڏارو اصل ۾ هن صاحب جو آهي.
تازو مونکي محترم محمد آچر عمراڻي (جنهن جي والد صاحب ڊاڪٽر بلوچ کي احسان فقير جا بيت ڏنا هئا) معرفت 58 بيت مليا، جيڪي احسان فقير جي ڪيڏارو طور سوين سالن کان سيد عبدالطيف حسني جي درگاه تي پڙهيا وڃن ٿا. انهن مان ڪجھ بيتن ۾ اسماعيل فقير جو نالو استعال ٿيل آهي. (ڪن روايتن موجب احسان فقير جي ڪيڏاري جا جملي 92 يا 93 بيت هئا. جن مان ايڪيتاليهه بيت شاه صاحب جي رسالي ۾ سر ڪيڏاري ۾ لڀن ٿا ۽ ايڪونجاه بيت اهڙا آهن جو هن کان اڳ اشاعت هيٺ نه آيل آهن.)
مونکي مليل بيتن جي ٻولي، مونکي ايتري پڪي پختي نه لڳي، جهڙي شاه ڀٽائي صاحب استعمال ڪئي آهي. منهنجي ذاتي راءِ آهي ته  شاه صاحب جو پنهنجو ڪيڏارو آهي، ۽ احسان فقير صاحب جو پنهنجو ڪيڏارو آهي. ڪجھ بيت گڏجي سڏجي ويا هوندا. ٻي ڳالهه ته منهنجي پنهنجي نظر ۾ شاه ڀٽائي صاحب هڪ صوفي لاڪوفي هو، تنهنڪري هن وقت شاه سائين کي سني يا شيعو ثابت ڪرڻ ئي اجائي ڪوشش ٿيندي.



احسان فقير جو ڪيڏارو
(مرتب محمد آچر عمراڻي)
1
مـــحـــرم مـــوٽـــي آيــو آيــا تــا نه امــام
ورنَــهــه وري نه وريــا عالــم جــا امــام
الله الله آل محمد صه تي صلوات سلام
ســدا حــق امــام ڏاتــر مــون ڏيـکـارئيـن
2
مــحــرم مــوٽي آيو آيا تــا نه امــيــر
ورنــهــه وري نه وريا شبــر و شبيــر
آئون تن امامن کي ساريان منجھ سَرير
اندرَ ۾ احسان چــئي اٿم اُت اُڪيـــر
مديني جا مير ڏاتر مون ڏيکارئين
3
مــحــرم موٽي آيـــو مانـــجھــي موٽــيــا ڪين
جـــايـــون ان لاءِ جُـــڙيـــون اعلــيٰ ۾ عِــليـــن
سيدالشباب الاهل حبت في جنہ اها ئي صفت سندين
اهـــڙا ئــي احــســان چــئي مــنــهنجــا ميـــر متــيـــن
تــوڙائي تســڪــيـــن اصـــل آســـيئـــڙن جـــا.
4
محرم موٽي آيو آيا تا نه امام
ورنهه وري نه وريا سدا عالم ڄام
الفراَق بيني وبين هما جيسين ٿئي قيام
صحيح شفاعت ان جي امت مٿي عام
عالم ٿيو انعام، انهن کي احسان چئي.
5
محرم موٽي آيو آيــــا تــــا نه امام
سُوڌي سُڌ نه ان جي ري عالم جي علام
عاشقن معشوقن  وچ ۾ ڪا مخفي هئي مام
شب و روز سلام احسن امامن تي.
6
محرم موٽي آيو آيــــا نه سيد شـــيـــر
موٽيا نه مديني ڌڻي دانَههَ اوُ دلــيــــرَ
جي جانب هُئن جيئرا ته وارث انهيءَ وير
ته مقابلو ميرن سان هوند ڪرههَ ڪري ڪير
رضا جا رحمٰن جي جنهن پسو ڀراين پير
احسن انهيءَ ويــرَ جنبيا جنت سامهان.
7
موٽي محرم ماه ڏينهن عاشوري آيا
ورنههَ وري نه وريا شهزاده ۽ شاه
آئون تِنِ امامن جي رويو پڇايان راه
اندر ۾ احسان چئي سڪي ٿيئڙم ساه
عالم جا الله مونکي ميرن ميڙيئين.
8
محرم موٽي آيو ڪُــوپو قاسم شاه
کنو کڻي هليو مير مديني ڏانهن
پڙ ۾ پواڙا ڪري دولهه وڏي دانهه
آرڻ ۾ احسان چئي هو شجاع وڏي شان
مانجھي پاڻ مٿان سڀ ملامتون لاٿيون.
9
اول ڪيئي حسنين جي ساراه سبحانا
آئون ڇا ڪندس امامن جي وَجِــھهَ جي وصفا
سج چنڊ کان سهڻا هئا احمر اطهرا
اسود عين اميرن جا جيئن تارن ۾ تارا
جوڙ نه ٿئي جن سان صَبح سيارا
پنبڙ، پاڪيزه، پريئن جا سونهنِ سونهارا
جاڙا ڀرون جَبهت ۾ سونهنِ ماند ڪمانا
سونهن دندان دهان ۾ ڪَـــرُ لول ابيضا
لهيت شريعت شاه جي ڪر قمر جي قُــرصا
احسن ڪجي امامن جي وطرحين تعريفا
محبن مدح ثناء وڏائي ورونهه جي.
10
ساراهه شهزادن جي آه هر آدم تي حق
آيت انما يُريدُ الله جو واري ڏس ورق
فرمودو فرقان جو جنهن ۾ شَڪُ ناهي شِرڪ
احسن انهيءَ ڳالهه جو محبت آهي مَرڪ
مون کي سائين ڏنو سبق توڙائي تعريف جو
11
لقب لطيفا انجا اطهر اسم سندان
ابي الحسن و ابي عبدالله الحسين قنيت ڪريمان
لهيت، شريعت شاه جي، ڪر قمر جي قرصان
اهل البيت ويطهر ڪم طهيرا اهو نس قرآن
ادب ڪر احسان وٺ مَ نانءُ وضو ري.
12
صادق، صابر، عابد، عارف، سالڪ صاحب سلوڪ
رازق، رحيم، سائم، دائم منهنجو مير ملوڪ
مهدي، محتدي، شافع، رافع، موچارو مخلوق
مولي جو معشوق عاشق اوُ احسان چوي.
13
انهيءَ اونهي سر جي ڪل نه پئي ڪا
ذرو ڪو ظاهر ٿيو روضتٖ شُــهدا
جڏهن حضرت مير حسين تؤلد ٿيو موچارو مقبولا
تڏهن سَــنبت سرهايون ٿيون وهسڻ وڻ لڳا
منجهان رغبت حضرت رسول ڪريم ﷺ جي شڪر ڏني شعجاج
ته اڀنئون لهي آيو مَلَــڪُ جبريلا
اچي سلام چيائين مبارڪ ڏنائين، ڪيائين طرحين تعريفا
ته رشق ويو آهي رب کي اپر اُنَ پيرا
ته تون محبوب منهنجو ڪي، ڪارڻ ٻين آ
اتي هل هاگامون هوُ ڪ ٿي، رنجاؤ روئڻا
انهيءَ پر احسان چوي حقيقت حالا
مٺي ماٺ جڳاءِ ڪڇڻ آهي ڪين ڪي.
14
ڪونه پروڙي ڪِٿئين سندي محبت امام
منجھ نظاري پنهنجي حاتق هڻي هامَ
اصُل آدم تي رهي اها مُوروئون ملام
لا تقربا هذه شجرة اَمُــرَ منجهه الهام
تقدير لاٿو تنهنکي سو بالا مٿان بام
موٽي مهندا آيو ڪربلا قيام
پيدا ٿيو تنهن پُــٺِ مان ڪفر ۽ اسلام
نڪو ظاهر يزيد هو نڪو شيطاني شام
اتي لُڏي ڪشتي حضرت نوح نبيءَ جي جا مٿي ان مقام
سختيءَ وير سڀن جي تنهن سيد جھلي سام
حضرت يحييٰ ذڪريا ايءُ پڻ نالي نام
منجھ نظاري نام جي اوُ ڪُسي ٿيا قتلام
سندا سوز امام احسن جي اندر ۾
15
صبر سندي شاه جو ڪندو ڪونه بيان
والله مع الصابرين هو حاضر حيُ حنان
داور ڄاڻي درجو جو دائم آهي ديان
ڄاپندي وقت ڄام کي شهادت مليو هو شان
هئي شفاعت عام جي جنهنجي پيش هو پروان
ڪين ڇڏيندو ڇَـــوهَه ۾ سندو آسين اڳواڻ
لنگھائيندو لطف سان منڊيو جت ميزان
احسن امامن جو آهي ناظر نگھبان
مرڪايائون ميدان شڪر ۽ شمشير سان.
16
حضرت مير شبير سان هئا هفت هبا همسر
عباس علمدار انهن ۾ ٻيا باڪا بهادر
سڀئي هئا شجاع سهڻا هو دانهه دلاور
سرها هئا سخاوت ۾ طبع ڪريمي قمر
حسب نسب ۾ هاشمي هئا قرارا قيهر
اڳرا عبادت ۾ اوُ مقبول منور
احسن اُو اطهر ساراهيل سبحان جا.
17
مير مڪي کان نڪريا رخصت وٺي راز
حضور ۾ حضرت جي نوڙي ڪيائون نياز
آرڻ ۾ احسان چئي سونو پائي ساز
ڪيائون ڪاهه ڪافرن تي جيئن بحري اچي باز
الوداع آواز ٿيو روضي پاڪ رسول مان
18
ڪامل ڪربلا ۾ جڏهن آيا جُنگ جوان
ڀُويون ڌُٻيون لرزيون ٿيون ٿرٿليا آسمان
بهادر بي بها هئا شجاع وڏي سين شان
پسي اُليرون انجون حاتق ٿيا حيران
صبر ۽ سڪوت ڪر تون ادا ڙي احسان
ڪَــرَهَه هُـئي ڪانه هو نظارو نِــيهَه جو.
19
دل ۾ دؤر داوري يـــد ۾ ذوالفقار
مــيــر آيا ميدان ۾ سائو ۽ سردار
عالم عِلويءَ سُفليءَ ۾ ڌُنڌُ پيو ڌُنڌڪار
پوي پيرن کان کِسيو ڌرتي ٿئي ڌار
سيد شديد القُوا ڪيسر ڪيهر ڪار
ڏيکارين ڏاتار اُهيئي احسان چئي.
20
نروت، راوت، راءُ هو حضرت مير حُسين،
هو سَگهارو سڀئي پرين ڪامل ڪِيهر ڪار
سو افضل، اڪمل، اطهر هو ابن اسدالله
اڳيان اٿي ان جي ڪره ڪن ڪيراءُ
انهيءَ پر احسان چئي سندي رب رضا
آگي ڪيو اڪمل کي سيد الشهداءِ
الله جي علم جي ڪنهن کي ناهي ڪراءِ
ساراه، صفت ثناءِ، جُڳائي جبار کي.
21
ڪربلا جو قضيو جڏهن اچيو پوي منجھ جيءَ
وهسن ٿا وجود ۾ سدا سُورن سيءَ
ڏهٽن ڏٺا ڏکڙا، ناني ري نبيءَ
فرزند بيبي صاحب جا پرين پيارل پيءَ
امامن اسماعيل چوي حال حقيقت هيءَ
والي ورنَــهه ويءَ رڻَ ۾ پين راتڙي
22
ڪامل ڪربلا ۾ جڏهن آيو ابن علي
شمسين قمرين احد علي و وليءَ
قربئون ڪوڏ نپايا بدر ٿي بيويءَ
ساه برابر سانڀيا منهنجا سيد و شفيع
امامن احسان چئي حال حقيقت هيءَ
نورالعين نبيءَ رڻ ۾ پين راتڙي
23
رڻ رڻ سنگ وڄن ڪيا دمامن دڙڪا
آواز اسبين جا سيفون ڪن سڙڪا
بان، بندوقون، بڙڇيون، ڪن ڪند ڪٽاريون ڪڙڪا
اتي اسماعيل چوي جونجهارن جهڙڪا
پڙڪايو پرڪا پايو پَــرَ پاڳن ۾
24
دوست ڪهائي دادلا محبوب مارائيئي
خاصن خليلن تي سختيون سهائيئي
الله صمد بي نياز جا ڪري سا چائين
فڪر فراشت فراموش وِهُه عبرت آرائي
انهيءَ ۾ آه ڪو اونهو سر احسان چئي.
25
دوست ڪهائي دادلا مارائي محبوب
اتي اسماعيل چئي خاڪ لٽائبي خوب
اهڙا عجب عجوب سدائين صاحب جا
26
هلي آيا حضور ۾ شهزادا ۽ شاهه
ڏهٽن گهريا ڪپڙا ناني نبيءَ کان
پاڻ مرسل مبارڪ مرڪي چيو ائين مُنهان
ته ابا نه مون هڙ نه هنجهه ڪپڙا ٿين ڪيان
تڏهن خاصن اتي خوص ڪيو جيان ٿئين تئان
ته وحي وٺي آيو پرهڻ پاڪيزه
رنگ تن رُختن جو سبز ۽ سرخا
سبز صورت زهر جي سرخ شمشيرا
پاڻ پروڙي ڳالهڙي ڪڇئون ڪين منهان
شڪر ڪري صاحب جو وصف ۾ ويٺا
ايڏو عُلـــهُه اعليٰ احسن اَطَهَرن جو
27
آيا شهزادا شاه ڏانهن اعليٰ نسب امير
چيائون چاچا هوند ڪافر ڪهئون پر آه اڃ ڪبير
شاه چيس ابا اوهان ڪارڻ اڳيان ڪوثر جام ڪثير
پوءِ اٿي بخشايائون ادب سان ميرن مادر کير
هلندي وقت هادي ٿين اُو قادر رب قدير
سرڪش سٺيائون شام جا ات مرڪيا ماه منير
عليءَ پوٽن اڌ ڪيا او ماوياڻي مخصير
حسن مير حسين اڳيان ڇا هي يزيدن ضمير
احسن امامن سين گڏ شهادت پيئڻ شِير
حورن واري حضور ۾ تنهن خاصن جا خمير
هٽايائون خورد ڪبير هاشمن حملا ڪري.
28
پهرين پليتن تي حملو ڪيو حُــــــر
گھڻا مرتد ماريا غلبو ڪري غُـــرَ
آرڻ ۾ احسان چوي ڪِي پوشيدا پَســـرَ
هئا ٻئي دانَهَــه دُرَ جي آيا ڪم امامن جي.
29
هلي آيو حضور ۾ مانجھي مردانو
ايندسين چيائين امام کي جنگ ڀري جانو
ته آئون اوهان جي آگ جو آهيان پتنگ پروانو
ڀاءُ، پيءُ، پٽ ڏيان ٻيو پڻ ٻانهو
ته مانَ راضي ٿئي رسول رب جو نبيءُ تو نانو
هيءُ سِــرُ سمانو گھوٽ مٿان گھوريان
30
پيادو ٿي پڙ ۾ آيو وٽ امام
اچي ڪيائين ادب سان سجدو ۽ سلام
يا شافع المذنبين يا شافع روز قيام
معاف ڪريو منهنجون سڀ خطائون هي خام
ڪڍومِ هاڻي ڪفر مان مون کي آڻيو منجهه اسلام
آرڻ ۾ احسان چئي پيو سائل اوهان جي سام
عطا ڪريو انعام ته شرف آهي شهادت جو.
31
هُئي هدايت حُر کي منجھ امُر ۾ اصلات
چڙهي آيو جنگ تي هلي هن پاران
ايندسين چيائين امام کي آئون گھورس تو مٿان
تنهنجي قدمن اڳيان ڪريان جا مون جان فدا
لايڪلف الله نخصا اللہ و بسعها جيڪا پڄنديم سا
آرڻ ۾ احسان چئي ڪيائين وس وڏا
گھوٽ به لڳو گهاءُ هيءُ پڻ شير شهيد ٿيو.
32
اٿي آيو اوچتو ديون جو دَهيدار
آرڻ آيو، احسان چئي کڻي اُڙدهَه اَپار
اچي ڪِريو قدمن تي، ٿو روئي زاروزار
چيائين مريد آهيان موليٰ علي جو اصل کنئون اظهار
ڏيوم رخصت جنگ جي ته ڪُــهان ڪُلُ ڪفار
تڏهن مشفق چيس ايئن مهندا ته ابا هُو آدم تون اسرار
چيائين آقا اسان انسان ٿي ڪريون صورتي سينگار
ابا موٽي وڃ پنهنجي ماڳ تي هيءُ آهي آگي سان اقرار
پوءِ ڇڏي ديوُ دربار ويو اڏامي امر سان.
33
مڙئي ملائڪ آيا فطرت سان فهيم
سجدو ڪيائون مسجود کي تـَـهِيَــتُ سين تعزيم
ته ٿئي اجازو جنگ جو چئو ڪريم ابن ڪريم
احسن انکي شاه چيو سالم قلب سليم
ابا اوهين ملائڪ آهيو هو بشر بي تعليم
اوهانجي انهن سان نه جڙي عظيم جنگ جزيم
چيائون صورتون مٽيون يا سيدا ٿيون مردن جيئن مهيم
نيئي تحت الشرا جي تري هَڻونِ رُڪَ رجيم
هئا محڪم مستقيم پر امر نه ٿيو انکي
34
ڪُوپا قلعي ڪوڏيا سائو ۽ سردار
هڪ ڀائر ٻيا ڀائيٽا ٽِيا جاني جگر يار
هيڏانهن ماڻهو محدود هئا هوڏانهن هو هزار
آرڻ ۾ احسان چئي شهزادا سردار
لرزايائين لعينن کي منهنجي مانجھي مير مڻيار
حُورن ٻڌا هار سهرا شهيدن کي.
35
ڪوپا قلعي ڪوڏيا جنگي سڀ جوان
اڪبر، اصغر، جهاد جا سائن وٽ سامان
محبوب مطلوب مرغوب ساراهيل سبحان
تون پڻ تعريفون ڪر تن جون ادا ڙي احسان
اُو ڪيئن مڃين آڻ ماويه پُٽَ مردود جي.
36
ڪوپا قلعي ڪوڏيا راوت ڪينَ رهن
سائُن سِـــرَ فدا ڪيا اڳيان امامن
هي جاهدون في سبيل الله ڪم اهوئي ڪن
آرڻ ۾ احسان چئي او پوشيدا پَــسجن
صفت ۽ ثنا ڪر تون ادا سندي تـَــنِ
حورون هار ٻڌن سهرا شهيدن کي.
37
قاسم شاه ڪَرُ کنيو منجھان خيمي مان خليل
همٿ حيدر جهڙي جرعت جبرائيل
محبت محبوبن جي سگھن ڪين سهيل
منهن ۾ محمد ڄام جون اَهرون کيس اصيل
هٰــذا محمد صه چئي ٿا ڊوڙائين دليل
ڀئو پرين ڀئو پيا او ظالم ٿيا ذليل
آرڻ ۾ احسان چئي اُو ٿيا سگ سبيل
جنهن پَرِ گُھري رب جليل تنهن رضا تي راضي هئا.
38
مانجھي مچ مچايو ڪوپي قاسم شاه
آهون ڪيو امام کي ٻڌي دست دعا
اسانکي اؤکو لڳي تنهنجو حرصا
ته منع نه مونکي ڪريو آهيم وصيتا
هلندي مير حسن چيو مونکي عبارا
ته اؤکي ويل امام کي ڇَــڏِجِ ڪيم ابا
راوت پرتين رب کي حافظ تو خدا
آرڻ آيو احسان چئي حاتق همٿا
پوشيدا پڇاڙيو ٿو ماري مرتدا
مؤلي جي مشيت کان ڪنڌ مَ ڪڍيجا
قالو انا لاالله هي پڻ شير شهادت رسيو.
39
اي خَرخَس مَ خوار ٿئي، تون جهيڙو ڇڏ يزيد
عليءَ جي اولاد سان تون سرڪش ٿي مَ شديد
هي بادشاه جهان جا قديمي ۽ مجيد
انڌا ڇڏ احسان چئي نابينا ناديد
ايءَ پڻ ڳالهه بعيد ڪيئن تات مڃين تنهنجي.
40
مير مڪي کان هليا مدينو ماڳ سندن
ڪاهيائون ڪوفي ڏانهن ساڻ شهزادن
رهبر رسول راه ۾ تنهن دم مليو ميرن
چيائين ٿي شهادت يا سيدا متان ڪاهيو ڪوفين
ڪٺائون ڪوفي ۾ مسلم ساڻ پٽن
سُڻي حقيقت انجي ماٺ ڪئي ميرنِ
پههَ ڪري پاڻ ۾ وريا ڏانهن وطن
واٽئون وري وريا هُئي تقدير مٿان تَن
قضا آندا ڪربلا ۾ تڏهن پڙ تي پير پِين
آرڻ ۾ احسان چئي ڪيڏانهن ڪين چُرنِ
ڳالهه پروڙيئون ڳجھ جي سڀن شهزادن
ته ادا هيءُ ماڳ آه مرڻ جو ٿا ڪربلا ڪَهن
جيڪا رضا رب جي سا مڃي محبوبَن
رڻ ۾ راوتنِ آڻي خيما کوڙيا
41
ڏيئي لائون گھوٽ کي سينگاريؤن سردار
خاص خِلعتَ حَسَنَ جي جِبو، قُبا، دُستار
چئي مبارڪون خوش ٿيا سڀئي خرد قبار
ته آيو آواز مقتل مان ته ڪو سنبهي اچي سوار
حاتق حسيني آه ڪو جهيڙي جو جھونجھار
هڪل سُڻي هاشمي اتي تحتؤن ٿيو تيار
اچي قدم چميائين شاه جا امر وٺي اقرار
آرڻ ۾ احسان چئي اُو نڪري ٿيو نروار
اڀريو آهه آفتاب جيئن تابش ڪري تڪرار
مهت مِريخ زحل ڏسي يزداني جنسار
تقدير تنهن وقت جي جا ليکي ناهه شمار
ڄاڻي ڄاڻڻ هار جيڪي ڪري سو ٿئي
42
پروڙي پڙ تي اچي پهتا پهلوان
خيما کوڙي خوش ٿيا جوڌا او جوان
پروڙي پڙ تي اچي پهتا پهلوان
خيما کوڙي خوش ٿيا سي جودها او جوان
ڏٺو چنڊ محرم جو ٿيا نغارا نشان
آرڻ ۾ احسان چئي هو شاه وڏي سان شان
ڪوٺي ڪوفين گھُرايا تنهن شام سندي شيطان
عِمِر نَحِسَ نادان بيٺي ات بَڇون ڪيون.
43
ڏسي خط خامين جا ڪَئي سرور سواري
بيت الحرام جي باب تي ظاهر ڪيون زاري
پڙهيون نماز طواف سان ڪيائون تُرتئون تياري
احسن امامن کي سُڌ هئي ساري
وڌائون نه گھاري محبت جي ميدان ۾.
44
ڀائر ڀاڻيجا ڀائيٽا ويا وٽائنس يار
هيڏانهن امام هڪڙو هوڏانهن هو هزار
چوڏس چڙهي آيا ڪري ڪٽڪ ڪارونڀار
شامي شومي ڪوڙا ڪوفي هئا بيحيا بدڪار
بدو بدعتي بڇڙا هئا خارجي خوار
اتي اسماعيل چئي هلي هنيائين هاڪار
وِيهون وڍي تن ويرن جون ڌَڙَ ڪَيائون ڌار
سيد سائو سردار ڪامل قلعو جھليو.
45
پٽ ڀائيٽا شاه جا هئا ڀاڻيجا ڀلارا
ڪي سؤٽ سورهيه سنگتي ڪي اڪبر اڪبارا
حاضر هئا هاشمي تن مان ويهه تيارا
ٻيا ٻاونجاهه اصحاب هئا سي صادق سچارا
رات وهاڻي ڏينهن ٿيو ڪيو سورج سينگارا
آرڻ ۾ احسان چئي آيا سيد سونهارا
وڄيو مارو موت جو ٿيو نوبت نغارا
هُئي تاريخ ڏينهن محرم جي جو عالم اخبارا
ڪير پروڙي انجي حڪمت هاڪارا
ڪل شي محيط هئي غني غفارا
قادر رب ڪهارا جيڪِي ڪري سو ٿئي.
46
سرور ڏٺو سامهون هڪ ساڄي هٿ سوار
گھوڙو سوني ساز سان جڙيو ساڻ جنسار
پيدا ڪيو پاڻ ڌڻي نِسَنگ ٿيو نروار
آيو طرف امام جي ٿيو همٿ ٻڌي هوشيار
اسلام عليڪم يا اهل النبي اَجھو تون آڌار
عفوَ ڪريو هن آسيءَ تي آهيان غافل گنهگار
هاشم نالي حضرتا هي عُــتُــبُ پٽ اظهار
آرڻ ۾ احسان چئي هي جھيڙي جو جھونجھار
ڪيائين ڪاهه قتل گاهه ڏي امر وٺي اقرار
خان هڻي کنئي سان ڪٺائين ڪل ڪفار
اچي چيائين شمر کي ٿيو آهين مخواه خوار
پاپي پٽيل پٽيا ڀَڳئي اڳينِ جو اعتبار
هڪل هڻي هَسوار ڪامل قلعو جھليو.
47
ڪامل ڪربلا ۾ جڏهن آيا سيد شير
هڻيو حاتق ان کي پَهَنَــبَ ڀريو پير
ماري تن منافقن جا ڍونڍ ڪيائون ڍير
آرڻ ۾ احسان چئي اچيو ڏين الير
دهليا ات دلير پسي حملا مير حسين جا
48
ڪامل ڪربلا ۾ جڏهن اهلبيت آيا
مير مهائي مڙيئي سورهَه سنوايا
ماري تن منافقن کي ڪامل ڪنبايا
امر سان الله جي احسن چئي آيا
سچ عليءَ ڄايا اهڙا سورهَه سپرين
49
اصغر جي افسوس ۾ ٿي دِلِ ڪري دانهون
ناگهه وڃي نڪريو اندر مان آهون
تون پڻ هَلُ، هو هليا ويا جامع جيڏاهون
امر ٿئي احسان چئي ته اچان اوڏانهون
ويڳاڻيون واهون، هَئي هَئي ٿو هِتِ ڏيان
50
اصغر جي افسوس جي هَــڏَئين حد نه ڪا
ڪنهن کي سور سڻايان جو اچي اندر کان
دل دانهن ري نه رهي مون کي ماٺ جڳاءِ
عبرت وٺ احسان چئي ات انديشو ئي آهه
صاحب جا شعاعَ مڙئي موچارا هئا.
51
راحت آهي روئڻ ۾ ڪارڻ امامن
انهيءَ ۾ احسان چئي مطلب مومنن
پاڻيٺ سين نه پاڙيان ڳوڙها سِرَ ڳلن
ماڻڪ محمد مير کي اهوئي ياوُرَن
موتي مَٽُ نه ڪجن خالق جي هنجن سان
52
ادا منهنجون اکيون راتو ڏينهان روئن
دل ۾ درد گُداز جا پُورَ اچيو ئي پُون
ريڳاڙيون روئڻ جو مَرمُون منهن تي هون
اگهان ڪيئن احسان چئي مَرُ موُنئي چريو چُونِ
ڌڻيس اچي ڌون ڳوڙها هنن ڳلن تان.
53
فائق هليا فردوس ڏي جنت سندين جوءِ
فنا ٿيا في الله ۾ هوءِ ۾ ٿيا هوءِ
ڪُل شيءِ يرجع اصلہ صادق مڻيائون سوءِ
يارب ڏيکاريم روءِ انهن جي احسان چئي.
54
مڪي موٽي هليا مهاجر انصار
خدمت ۾ خليل جي هئا سائو ۽ سردار
ڪي بهادر بي بها هئا ڪي صفين جا سالار
سي اٿي بيٺا ادب سين هو خاصا خدمتگار
ڪَــهَـــندو هليو قافلو ڪربلا ڏونهار
آرڻ ۾ احسان چئي جهيڙي جا جھونجھار
پين تَنِ پچار مسلم سندي موت جي.
55
اول استقبال ۾ جڏهن آيو ابن عباس
مڪي مڙي هليا تن ۾ ڪيائون تپاس
خبيثن جي خط جو ڪامل ڪيو قياس
هلي ويهه حرم ۾ ات ڪر آساس
احسن انهيءَ ڳالهه جو وڏو آه وسواس
ورنهه ڇڏيو وِماس ملڪ مڙوئي تو سندو
56
اعضا رت رتياس ڄڻ ڏند ته موتين ڳتياس
چمڪي چوڏينهن چنڊ جيئن پڙ ۾ پيشانياس
الله نور السمٰوات ولارض جلوو جمينياس
سيماهم في وجودهم من اسر سجود منهن ۾ مَڻ ڳتياس
ڦڙا رت ڦٽن تان علي تي اگھياس
ڪربلا جا ڪڪرا مادر تي ميڙياس
ته متان لڳن پرينءَ کي اوکجن اڱرياس
امت تي احسان چئي ٿيندي شفاعت سندياس
مڙئي معاف ڪياس خالق بدلي خون جي.
57
گهوريو گهوريان پاڻ ساهه مٿائن صدقي
جي ان زماني ۾ هوس گڏ شاهن ساڻ
ته وڙهي تن ويرن سان هوند ٿيس سڄئي رت ڇاڻ
احسان انهيءَ عرض تي هوس ميرن وٽ مهمان
جيئن ڪتو قبوليو ڪهف جو اهوئي اهڃاڻ
هوند ويجھو ٿيم وٿاڻ ڪربلا جي ڪِريي.

58
ايڏي جنگ جهان ۾ ڪڏهن ٻُڌي سُـــون ڪانه
دَمُـــشـــڪـــــي دوزخي هــئــا نــاســف نهــروان
ڪـازب پڙهن ڪلما، ڪِنِ ڪَڇُنِ منجھ قرآن
شــهــادت لاءِ شــاه جــي، هو مڙئي آيا مــروان
ڪــنــبــيـا ڪين قهـــار ڀـــر بيــدينــا بي ايمـــان
آرڻ ۾ احـــســـان چئـــي هـــو لـــعنــتـــي نادان
ڦــريـــان کـــان فَرمـــان پيئن ڪاڻ ڪريم سان.
59
برڪت شهادت اوهان جي حسن مير حسين
پنان ٿو پرور ڳنان دعا هيءَ دل رين
هڪ آسودگي اولاد جي ٻي حجارا هُون مِ عين
هڪ سوکائي سڪرات جي ٻي وقت قبر روشن زين
محشر وير محمدا کڻي نوري نهارج نين
اها سيد منهنجي سين اگهائج احسان چئي.